عورت کي خودڪش حملي لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو ناڪام

عورت کي خودڪش حملي لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو ناڪام

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ادارن هڪ نوجوان ڇوڪري کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کي پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) پاران خودڪش حملي جي تربيت ڏني پئي وئي هئي.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ گهرو وزير ضيا لانگو ۽ ٻين عملدارن سان گڏ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران خودڪش حملن لاءِ بي ايل اي پاران تربيت يافته ڇوڪري لائبه پڻ موجود هئي.پريس ڪانفرنس ۾ لائبه چيو ته جڏهن کيس خضدار ۾ گرفتار ڪيو ويو ته هوءَ خودڪش مشن لاءِ تيار ٿي رهي هئي. هوءَ سڀني عورتن کي درخواست ڪرڻ چاهي ٿي ته اهي ڪنهن به غلط سرگرمي جو حصو نه بڻجن. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد بلوچ عورتن جو استحصال ڪري رهيا آهن، لائبه جي ڪهاڻي سڀني جي سامهون آهي، بي ايل اي عورتن جي عزت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ بلوچن کي بيڪار مقصدن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان جا ماڻهو حڪومت سان حساس معلومات شيئر ڪري رهيا آهن، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن بلوچستان کي هڪ وڏي آفت کان بچائي ورتو آهي ۽ ان کي محفوظ بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو