اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان کي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 18 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن تي سينيئر سول جج راڻا مجاهد اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ان کان علاوه اسلام آباد پوليس ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.










