ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو)پيپلزپارٽي ايم اين اي احسان الرحمان مزاري، پ پ ايم پي حاجي عبدالرئوف کوسو ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري طرفان ڪشمور شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ ٽائون ڪاميٽي ڪشمور ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شھرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سردار سليم جان خان مزاري شھرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسين ڪشمور لاءِ صاف سٿرو روشن پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون.

جنهن شھر ۾ اسين رھون ٿا جنهن شھر سان اسان جي سڃاڻپ آهي اسان جو فرض آهي ته شھر واسين جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا شھرين کي بنيادي سهولتون فراهم ٿين روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. 1985 کان سياسي سفر جي شروعات ڪئي پنهنجي ضلعي ناظم دور ۾ شھر لاءِ ريڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن 4 سال اڳ ٿيندڙ لوڪل باڊي جي اليڪشن ۾ به شھرين جي رضا مندي سان ڪائونسلر چونڊجي آيا اسين چونڊيل اميدوارن کان صاف سٿرو ڪشمور چاھيون ٿا.

ھن چيو ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي توھان جي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجھندا ھن چيو ته غريب شھرين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪري ھر وارڊ ۾ ڊرينيج، ٽف ٽائل ،فٽ پاٿ، اسٽريٽ لائيٽ، ۽ صفائي لاءِ ڊسٽ بن رکيا وڃن ھن چيو ته اسان ھر وقت شھرين سان گڏ آهيون کيس عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا.










