عوامي شڪايتن جي ازالي واري نظام کي مضبوط بڻائڻ جو فيصلو

عوامي شڪايتن جي ازالي واري نظام کي مضبوط بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي محتسب اعليٰ نويد ڪامران بلوچ سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جمعي جي ڏينهن ٿيل هن ملاقات ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ وفاقي محتسب جي آفيس ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ اداري سطح تي سهڪار وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي محتسب اعليٰ جو عهدو سنڀالڻ تي نويد ڪامران بلوچ کي واڌايون ڏنيون ۽ وفاقي ادارن ۾ خدمتن جي فراهمي ۽ احتساب کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سندس صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي محتسب اعليٰ حلف برداري تقريب ۾ وڏي وزير پاران شرڪت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ صوبائي حڪومت جي سهڪار ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه نويد ڪامران کي هڪ تجربيڪار ۽ قابل اڳوڻو بيوروڪريٽ قرار ڏيندي چيو ته سندس مقرري عوامي شڪايتن جي اثرائتي ازالي ڏانهن هڪ مثبت قدم آهي. هن زور ڀريو ته سنڌ ۾ محتسب جي آفيس جو دائرو وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ريجنل ۽ سب ريجنل آفيسون قائم ڪيون وڃن ته جيئن هيٺين سطح تي عوام کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير وفاقي محتسب اعليٰ کي سنڌ حڪومت جي ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي پڪ ڏيندي اعلان ڪيو ته صوبائي حڪومت پنهنجو سرڪاري پورٽل کي محتسب جي شڪايتن واري نظام سان ڳنڍيندي. هن چيو ته اھڙي ميلاپ سان عوامي آگاهي ۾ واڌ ٿيندي ۽ شهرين کي شڪايتون داخل ڪرائڻ ۽ انهن جي نگراني لاءِ آسان رسائي حاصل ٿيندي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪندي جيڪو وفاقي ادارن خلاف شڪايتن بابت محتسب جي آفيس سان رابطو رکندو، جيئن عوام کي درپيش مسئلن جو بروقت حل يقيني بڻائي سگهجي. هن زور ڀريندي چيو ته وفاقي کاتن سان لاڳاپيل شهرين جون شڪايتون ترجيحي بنيادن تي وفاقي محتسب جي پليٽفارم ذريعي حل ڪيون وڃن. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي نويد ڪامران بلوچ ٻڌايو ته وفاقي محتسب جي آفيس هن وقت لڳ ڀڳ 660 وفاقي وزارتن، کاتن ۽ انهن جي ماتحت ادارن خلاف شڪايتن جو ازالو ڪري ٿي. هن چيو ته ادارو 60 ڏينهن اندر شهرين کي رليف فراهم ڪري ٿو، تھ جيئن شھرين کي ترت ۽ بنا ڪنهن فيس جي انصاف مهيا ڪري سگھجي. هن ٻڌايو ته عوامي شڪايتن جو وڏو انگ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ)، پاسپورٽ آفيسن، نادرا ۽ ٻين وفاقي ادارن سان لاڳاپيل هوندو آهي. محتسب اعليٰ هن عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سندس آفيس شهرين جي رهنمائي ۽ سندن مسئلن جي حل ۾ بنا ڪنهن فيس جي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ٻنهي ڌرين هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ جي عوام لاءِ اثرائتي خدمتن جي فراهمي ۽ انصاف تائين بهتر رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ باهمي سهڪار ۽ رابطي کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو