ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ايندڙ فلم(پٺان) جي عملي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڪنگ خان قرنطينه ۾ هليو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان گذريل ڪجهه وقت کان فلم پٺان جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر ان جي شوٽنگ جي عملي جي ڪجهه ماڻهن ۾ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ فلم جي شوٽنگ کي ٻن ڏينهن جي لاءِ روڪيو ويو آهي ۽ شاهه رخ خان احتياطي قدمن جي طور تي پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب يش راج پروڊڪشن ۽ فلم جا ميمبر ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهن. فلم جي سيٽ تي به عملي جو باقاعدگي سان ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي ۽ فلم جا سمورا ميمبر هڪ هوٽل ۾ ترسيل آهن هنن کي هوٽل کان سيٽ تائين کڻي ويندڙ ماڻهن جو به ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. پرڪجهه ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان جون سيلف آئسوليشن ۾وڃڻ واريون خبرون بي بنياد آهن فلم جي شوٽنگ جاري آهي پر سومر ۽ اڱاري تي شوٽنگ تان ٻن ڏينهن جو بريڪ ورتو ويو هو.فلم پٺان ۾ شاهه رخ خان کان علاوه دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهيم به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. فلم 2022 ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان آهي.










