اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس (ر) ثاقب نثار خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو. ٻنهي خلاف اليڪشن ايڪٽ 2017 ۽ آئين جي آرٽيڪل 218 III تحت ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ٽڪيٽن جي بدلي ۾ رشوت وٺڻ جي الزام ۾ پنجاب اسيمبلي جي اميدوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.ريفرنس پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان، عطاءُ الله تارڙ داخل ڪيو آهي ۽ ريفرنس سان گڏ ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جو متن به شامل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊرز جي لسٽ، ٻيا دستاويز ۽ رڪارڊ به حوالي ڪيو ويو آهي.ريفرنس ۾ عمران خان، ثاقب نثار، نجم ثاقب، ٽڪيٽ هولڊر ابوذر چوڌري، ميان عزير، اعجاز احمد چوڌري ۽ اسد عمر کي به ڌر بڻايو ويو آهي.ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته کليل مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن جي شڪايت داخل ڪرائي رهيا آهن، پنجاب اسيمبلي جي پارٽي چونڊن جي ٽڪيٽن جي خريد و فروخت جو سلسلو جاري آهي، هڪ سياسي پارٽي قانون، اخلاقيات ۽ جمهوريت جي داغدار ڪئي آهي. هڪ پارٽي پارٽي آهي، ٽڪيٽن ۾ ڪرپشن ڪري سياست جي مقدس ميدان کي بدنام ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته آئين، قانون ۽ اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪري، مٿئين ماڻهن جو انڪشاف ميڊيا ۾ سامهون آيل آڊيو ۾ ڪيو ويو. 29 اپريل تي راسٽ ان ڏوهه ۾ ملوث آهي، گذريل هفتي عمران خان پاڻ پارٽي ٽڪيٽ ڏني هئي.










