عمران خان خلاف اڄ اسلام آباد جي ٻن عدالتن ۾ ٻڌڻي ٿيندي

عمران خان خلاف اڄ اسلام آباد جي ٻن عدالتن ۾ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف اڄ اسلام آباد جي ٻن عدالتن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. توشه خانه ڪيس ۾ جلد ٻڌڻي جي درخواست تي دليل ڏنا ويندا.عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف غير قانوني نڪاح جي الزام ۾ ڪيس جي ٻڌڻي به اڄ ٿيندي.درخواستگذار محمد حنيف پنهنجي وڪيل رضوان عباسي سان گڏ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيندو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عيد دوران شادي ڪرڻ تي عمران ۽ بشرا بي بي خلاف قلم 496 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو