اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کي قانون موجب قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي گرفتاري جو نوٽيس وٺندي ڪيس جي فوري ٻڌڻي ڪئي.عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي.عدالت رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت حڪم ڏنو ته رجسٽرار هاءِ ڪورٽ انڪوائري ڪري 16 مئي تائين رپورٽ پيش ڪري.










