عمران خان جي دور ۾ پاڪستان ۾ اڻ اعلانيل آمريت هئي، پلڊاٽ جي رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (PLDAT) پاڪستان ۾ جمهوريت بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پلڊٽ پنهنجي رپورٽ ۾ جمهوريت جي حالت تي لکيو آهي ته 40 سالن ۾ اسٽيبلشمينٽ پاران سياستدانن سان ملي ڪري جمهوري نظام سان کيڏي ويل چالون بي نقاب ٿي ويون آهن، عدليه ۽ بيوروڪريسي سميت سمورا ادارا مفلوج ٿي ويا آهن. ان ڪري بدامني جي خاتمي لاءِ غير آئيني سرگرمين خلاف سخت قدم کڻڻ گهرجن. پلڊٽ موجب اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني خودمختياري جو استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي سخت الزامن خلاف مزاحمت جمهوريت لاءِ اميد جي ڪرن آهي. پلڊٽ لکيو ته نومبر 2022ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وقت آرمي چيف چيو هو ته فوج هاڻي سياست ۾ مداخلت نه ڪندي، فوجي ڪمان جي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ شموليت جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، ان عدم مداخلت جو فائدو ٿي سگهي ٿو. ها، پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سياست کان پري رهڻ لاءِ پرعزم رهي ته جمهوريت ۾ بهتري جي اميد آهي.پلڊٽ رپورٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل آمريت هئي، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ان آمريت جو سبب عمران پاڻ هو يا کيس اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي.رپورٽ موجب عمران خان وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي طرز حڪومت تي فوج تي ڪو به الزام نه لڳايو پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هن اعتراف ڪيو ته کيس فوج جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته فوج جي حمايت ختم ڪئي وئي ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي.پلڊٽ لکيو ته اها حقيقت آهي ته اتحادي حڪومت فوج جي مدد کانسواءِ اقتدار حاصل نه ڪري سگهي ها.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان 18 آگسٽ 2018ع کان 10 اپريل 2022ع تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو