ڪراچي (ن سنڌيار) صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي، سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي هر سطح تي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اها عمران خان جي مهرباني آهي جو هن سنڌ جو دورو ڪيو. عمران خان کي وڏي عرصي کانپوءِ سنڌ ياد آئي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي کي ڪافي عرصو گذري ويو آهي، عمران خان رڳو فوٽو سيشن لاءِ سنڌ آيو هو، پر هو ٻوڏ متاثرن جي سوالن کي نظرانداز ڪري واپس هليو ويو. ھن چيو ته عمران خان جو ٻوڏ متاثرن جي مدد جو اعلان به اهڙو ئي آهي جيئن هن ماضي ۾ ڪراچي جي ترقي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو هو پر ان پيڪيج تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو ويو. رڳو واعدو رهجي ويو. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اجلاسن تي خرچ ڪيل رقم جيڪڏهن اتي خرچ ٿئي ها ته ڪيترن ئي ماڻهن کي رليف ملي ها. سنڌ حڪومت جا چونڊيل ميمبر پنهنجي عوام سان گڏ آهن.سنڌ حڪومت عوام جي نقصان جو ازالو ڪندي، ان حوالي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ به عوام جي خدمت ڪندي.










