اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات و نشريات فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته عمران خان جو دامن صاف آهي هن کي احتساب کان ڪو به خوف ناهي ۽ سڀ کان وڏي عدالت ان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي. 2 ڏينهن اڳ حڪومت نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو مسودو وفاقي ڪابينه کان سرڪوليشن ذريعي منظور ڪرائڻ کان پوءِ صدر کان به ان جي منظوري وٺي ڇڏي آهي. گذريل رات وزارت قانون نيب ترميمي آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو هو جنهن کي قومي احتساب ٻيو ترميمي آرڊيننس 2019 جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ف ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت سڀئي اپوزيشن جون وڏيون پارٽيون نيب ترميمي آرڊيننس جي مخالف ڪندي ان کي حڪومتي ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم نواز اورنگزيب ترميمي آرڊيننس کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پاڪستان جي عوام لاءِ وڏي خبر اها آهي ته عمران خان پنهنجي حڪومت جي هر منصوبي جي انڪوائري روڪرائڻ لاءِ نيب آرڊيننس آندو آهي. سليڪٽيڊ حڪومت نيب آرڊيننس پنهنجي ڪرپٽ حڪومت ۽ دوستن کي اين آر او ڏيڻ جي سازش آهي. اپوزيشن جي تنقيد جو جواب ڏيندي وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرڊيننس مطابق ديانتدار پبلڪ آفيس هولڊر بي خوف ۽ خطري جي عوامي مفادن ۾ فيصلو ڪري سگهندا ۽ پنهنجون قانوني ذميواريون نڀائي سگهندا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان جو ڪرپشن خلاف جهاد ڀرپور طاقت سان جاري آهي، نيب جو ڪم ميگا ڪرپشن اسڪينڊلز خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ ۽ انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن سرڪاري ملازمن خلاف ضرور ڪارروائي ٿيندي جنهن غلط طريقي سان اداري کي نقصان پهچائي ذاتي فائدا حاصل ڪيا. اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي ۽ پنهنجي اثاثن ۾ بي پناهه اضافو ڪندڙ پبلڪ آفيس هولڊر ڪارروائي کان نه بچندا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نيب خلاف محاذ آرائي کوليندڙ ليگي ترجمانن جو نيب ترميمي آرڊيننس تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو دامن صاف آهي ان کي احتساب مان ڪو به خوف ناهي سڀ کان وڏي عدالت ان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي. هن چيو ته عمران خان جا بدترين سياسي مخالف به ان تي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ ۾ ناڪام ويا ۽ ناڪام رهندا.










