عمران جو اهو رويو رهيو ته 8 آڪٽومبر تي به چونڊ نه ٿيندي: راڻا

عمران جو اهو رويو رهيو ته 8 آڪٽومبر تي به چونڊ نه ٿيندي: راڻا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جو رويو رهيو ته 8 آڪٽوبر تي چونڊون نه ٿي سگهن ٿيون.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ بدران گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ جي راءِ وٺڻ کانسواءِ اڳتي نٿي وڌي سگهي، ڪابينا معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪليو، اسان چئون ٿا ته سپريم ڪورٽ عدالت سڄي پارليامينٽ کي طلب ڪري نااهل قرار ڏئي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان 25 مئي جو الٽي ميٽم نه ڏئي ها ته اسان اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو، نواز شريف جو فيصلو حڪومت ڇڏڻ ۽ چونڊن ۾ وڃڻ جو هو.گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو رويو برقرار رهيو ته 8 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿي سگهن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف عيد کانپوءِ سعودي عرب کان لنڊن واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو