علي امين جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،اسلام آباد  ۾ ڪيس داخل

علي امين جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،اسلام آباد ۾ ڪيس داخل

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) جڊيشل مئجسٽريٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس علي امين گنڊاپور کي ٻن مختلف ڪيسن ۾ جڊيشل ڪامپليڪس جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پنجاب پوليس ۽ اسلام آباد پوليس جوابدار جي حوالگي جي درخواست ڪئي.عدالت ڀڪر ۽ اسلام آباد پوليس جي درخواست رد ڪندي علي امين گنڊاپور کي 6 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.عدالت ڊيرا اسماعيل خان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ خلاف داخل ٻنهي ڪيسن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
علي امين خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل
ٻئي طرف اسلام آباد پوليس علي امين گنڊاپور خلاف دهشتگردي ۽ غداري جي دفعات تحت هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.اسلام آباد جي گولاڙچي ٿاڻي ۾ مئجسٽريٽ قيصر نديم پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ علي امين ۽ سندس ساٿي اسد خان کي نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن اسلام آباد جي سوسائٽي ۾ هٿيار ۽ نوڪر گڏ ڪرڻ جو چيو، جوابدار آڊيو ۾ چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته سڄي اسلام آباد تي قبضو ڪندا.جوابدارن پوليس کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ته جيئن هو پنهنجا فرض سرانجام نه ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو