عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير جي صدارت هيٺ ايڇ آءِ وي جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي صحت واري وزير کي ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسز تي بريفنگ ڏني وئي.سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن، پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪن کي فوري بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سنڌ جي صحت واري وزير هدايت ڪئي ته لائسنس يافته بلڊ بينڪن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي.صحت واري وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته سموري سنڌ ۾ 6 لک کان وڌيڪ جعلي ڊاڪٽرز آهن، جن ۾ 10 سيڪڙو ڪراچي ۾ آهن، ايڇ آءِ وي سبب متاثر 3 هزار 995 ٻارن جا رجسٽرڊ ڪيسز آهن. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ هزار 144، شڪارپور ۾ 509 ۽ بينظير آباد ۾ ايڇ آءِ وي سبب 256 ٻار متاثر آهن.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڇ آءِ وي جي پکيڙ جا سبب جعلي ڊاڪٽر، غيرقانوني ڪلينڪون ۽ آلوده انجيڪشن کي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ايڇ آءِ وي جي پکيڙ جي سببن ۾ غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪس به شامل آهن. استعمال ٿيل بليڊ، سرنجز جي ري پيڪنگ ۽ ميڊيڪل ويسٽ کي به ايڇ آءِ وي کي سبب قرار ڏنو ويو.سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو ته ڳورهاري عورتن جي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني وڃي ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر جن مرڪز کي سيل ڪري انهن کي ٻيهر کوليندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو