عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ضمانت رد

عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ضمانت رد

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن ظفر سھتو ۽ امير بخش عرف اميرو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس سيد ارشاد علي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، فريادي حفيظ ميمڻ پاران وڪيل نثار ڀنڀرو ۽ جوابدارن پاران وڪيل ارشاد ناريجو دليل ڏنا، مقتول جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ چيو ته جوابدارن پهريان ڀاءُ کي قتل ڪيو، ھاڻي موتمار ڌمڪيون ملي رھيون آھن، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو