عدم اعتماد ڪامياب، وزيراعظم غير آئيني حرڪتون ٿو ڪري

عدم اعتماد ڪامياب، وزيراعظم غير آئيني حرڪتون ٿو ڪري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي پارليامينٽريئنز جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي غير آئيني ۽ غيرقانوني طورتي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو جيڪو آئين جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ دوران وزيراعظم عددي اڪثريت کان محروم ٿي چڪو هو ان کان پوءِ هن جي ايڊوائيس تي اسيمبلي کي تحليل ڪرڻ به آئين جي سنگين خلاف ورزي آهي، شازيه مري چيو ته آئين موجب ووٽنگ ڪرائڻ ڊپٽي اسپيڪر جي آئيني ذميواري هئي جنهن سان هنن انحراف ڪيو، شازيه مري ڊپٽي اسپيڪر پاران غير آئيني طور تي اجلاس ملتوي ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيئرمين اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قرارداد ذريعي 194 ميمبرن آرٽيڪل 4 /95 ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي رد ڪري ڇڏيو ان قرارداد جي حق ۾ 197 ميمبرن ووٽ ڏنو. شازيه مري چيو ته اسپيڪر جي قومي اسيمبلي خلاف به عدم اعتماد جي تحريڪ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ٿي چڪي آهي ان باوجود قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو جيڪو سراسر غير قانوني آهي، شازيه مري چيو ته اسيمبلي ۾ عددي اڪثريت کان محروم ٿيڻ بعد وزيراعظم طرفان صدر کي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي صلاح قطعي طور تي غير قانوني ۽ غِير آئيني آهي، شازيه مري چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي، وزيراعظم ۽ صدر آئين سان انحراف ڪيو آهي جيڪو آئين سان غداري جي زمري ۾ اچي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو