اسلام آباد ( بيورو) عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دهشتگردي جي ڪيس ۾ اڃا تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو.عمران خان کي جي آءِ ٽي اڄ منجهند ٽئين وڳي مارگلا ٿاڻي ۾ طلب ڪيو هو، جڏهن ته عمران خان 12 سٽپمبر تائين دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي.عمران خان جي غيرحاضري تي پوليس موقف سان گڏ چالان عدالت ۾ جمع ڪرائيندي.عمران خان ڏانهن جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس سندس سيڪيورٽي آفيسر ذريعي موڪليو ويو هو.










