پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي عدالت سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر عبداللطيف آفريدي جي قتل ۾ ملوث جوابدار عدنان جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. عبداللطيف آفريدي قتل ڪيس جي جوابدار عدنان کي پشاور جي جڊيشل مئجسٽريٽ بدرنير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار عدنان آفريدي کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










