عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو ذميوار پاڪستان نه پر وڌيڪ متاثر ٿيو:گوتريس

عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو ذميوار پاڪستان نه پر وڌيڪ متاثر ٿيو:گوتريس

سکر (ن سنڌيار)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو ذميوار پاڪستان ناهي پر پاڪستان ان مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، دنيا کي اڳتي اچي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو شروعاتي نقصان 30 ارب ڊالر ٿي چڪو آهي ۽ ان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هي يڪجهتي جي نه پر انصاف جي گهرج آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري اهي ملڪ جن گرميءَ ۾ واڌ ڪري زمين کي نقصان پهچايو آهي.هنن چيو ته اسان فطرت سان وڙهندا رهياسين، فطرت پوئتي موٽندي اسان تي تباهي واري انداز ۾ حملو ڪيو پر وڌيڪ نقصان انهن ماڻهن کي ڪيو جن جي ڪا به غلطي ناهي.هن چيو ته پاڪستان اڄ جتي بيٺو آهي، سڀاڻي اتي توهان جو ملڪ به ٿي سگهي ٿو، اسان کي ان کي فوري طور تي روڪڻو پوندو.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان کان قرضن جي واپسي ۾ مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو شروعاتي نقصان 30 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جيڪو اڃا به وڌي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو