اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ عالمي معيار جو پهريون زو ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد جي شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ جي منصوبي تي غور ڪيو ويو.جاري ڪيل پڌرائي موجب چيئرمين سي ڊي اي کي زو ۽ سفاري پارڪ قائم ڪرڻ جي منصوبي تي بريفنگ ڏني.گهرو وزير محسن نقوي زو ۽ سفاري پارڪ جي منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته 200 ايڪڙن تي پکڙيل زو ۽ سفاري پارڪ ۾ 5 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا.ان حوالي سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته سفاري پارڪ کي ورلڊ ايسوسي ايشن آف زوز اينڊ ايڪوريم وٽ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي، آڪٽوبر ۾ زو ۽ سفاري پارڪ جو پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته زو ۽ سفاري پارڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.










