اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي ۽ وطن واپسي بابت ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي ترميمي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. هاءِ ڪورٽ فوزيه صديقي جي وڪيل عمران شفيق کي هڪ هفتي اندر ترميمي درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي ۽ وطن واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عمران شفيق، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار زينب جنجوعه عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت پڇاڻو ڪيو ته حڪومت هن درخواست کي ڇو ختم ڪرڻ چاهي ٿي، ان ۾ حڪومت جو ڪهڙو فائدو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان هن ڪيس ۾ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين اهو ڪيو آهي.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته هي هڪ ڊگهي جدوجهد آهي، عافيه صديقي ڪيس هاڻي هڪ تحريڪ بڻجي چڪو آهي، هن درخواست کي ختم ڪرڻ سان مسئلو ختم نه ٿيندو ۽ نه ئي حل ٿيندو، هن ڪيس ۾ حڪومت پاران جيڪي قدم کنيا ويا اهي هن عدالت پاران کنيا ويا.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم جي ڪري ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا مليو، عدالتي حڪم جي ڪري وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معافي لاءِ درخواست ۾ خط لکيو، عدالت جي مداخلت کان پوءِ ئي ڊاڪٽر فوزيه صديقي پنهنجي ڀيڻ عافيه صديقي سان ملاقات ڪري سگهي، عدالت جي حڪم تي هڪ پاڪستاني وفد آمريڪا ويو ۽ عافيه صديقي سان به ملاقات ڪئي.عدالت ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست ۾ ترميم جي وڪيل عمران شفيق جي درخواست قبول ڪئي ۽ وڪيل عمران شفيق کي هڪ هفتي اندر ترميم ٿيل درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي.










