عادل راجا تي هتڪ عزت جي ڪيس ۾ساڍا ٽي لک پائونڊ ڏنڊ

عادل راجا تي هتڪ عزت جي ڪيس ۾ساڍا ٽي لک پائونڊ ڏنڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)لنڊن جي هاءِ ڪورٽ يوٽيوبَر ۽ پاڪستان جي اڳوڻي فوجي آفيسر ريٽائرڊ ميجر عادل فاروق راجا خلاف هائي پروفائيل هتڪ عزت يعني بدناموسي ڪيس ۾ فيصلو ريٽائرڊ بريگيڊيئر راشد ناصر (سابق آءِ ايس آءِ آفيسر) جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. هي هتڪ عزت جو ڪيس آگسٽ 2022 ۾ داخل ڪيو ويو هو، پر اهو اپريل ۾ عوامي طور تي ظاهر ٿيو، جڏهن عادل راجا پاڪستان ۾ ادڪارائن ۽ اداڪارن بابت الزامن ذريعي هڪ نئين تڪرار کي جنم ڏنوهو. خميس ڏينهن ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته راجا جا ڪرپشن، چونڊن ۾ مداخلت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي بابت الزام “غلط ۽ بي بنياد” آهن، ۽ کيس حڪم ڏنو ته هو ساڍا ٽي لک پائونڊڏنڊ ۽ ڪيس جي خرچ طور ادا ڪري. جج رچرڊ اسپيئرمن KC فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته عادل راجا کي £50,000 تقريباً 2 ڪروڙ رپيا هتڪ عزت جي تلافي طور ۽ £300,000 تقريباً 11 ڪروڙ رپيا قانوني خرچ طور ادا ڪرڻا پوندا. ڪورٽ راجا کي اهو به حڪم ڏنو ته هو پنهنجي سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي فيصلو شايع ڪري ۽ اعتراف ڪري ته سندس الزام غلط هئا. ان سان گڏ، کيس مافِي نامو جاري ڪرڻ ۽ لکت ۾ خاطري ڪرائڻي پوندي ته هو اهڙا الزام ٻيهر نه ورجائيندو. هي ڪيس نَو (9) سوشل ميڊيا پوسٽن ۽ وڊيوز تي ٻڌل هو، جن ۾ عادل راجا بريگيڊيئر راشد ناصر تي ڪرپشن، سياسي مداخلت ۽ اختيارن جي غلط استعمال جا الزام لڳايا هئا. راجا جو چوڻ هو ته ناصر عدالتي ڪارروائين ۽ چونڊن ۾ اثرانداز ٿيو ۽ فوج جي اعليٰ عملدارن جي حڪم تي سياسي سوديبازي ڪئي پر ڪورٽ چيو ته انهن دعوائن جو ڪو به ثبوت نه آهي. جج اسپيئرمن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عادل راجا ڪا به معتبر شاهدي يا قابلِ اعتماد ذريعا پيش نه ڪري سگهيو. ڪورٽ وڌيڪ نوٽ ڪيو ته راجا جا ٽئي شاهد صحافي شاهين صهبائي، اڳوڻو پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد اڪبر ۽ سيد اڪبر حسين به اهڙو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، جيڪو انهن الزامن کي ثابت ڪري. عادل راجا فيصلي کان پوءِ، مايوسي جو اظهار ڪيو. هن پليٽفارم X اڳوڻو Twitter) تي لکيو: “اڄ مايوس ڪندڙ ڏينهن آهي۔ جج اسان سان نه هو. راجا وڌيڪ چيو: “اڄ جي ڌڪ باوجود اسان جو حوصلو بلند آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي جدوجهد جاري رهندي. پاڪستان جا ماڻهو زميني حقيقتن جا شاهد آهن، ۽ سندن آزاديءَ لاءِ ارادو اڃا مضبوط آهي. اسان جون امڙيون ۽ ڀينرون، جن ظلم ۽ تشدد کي بهادري سان سٺو، ڄاڻن ٿيون ته اسان انهن لاءِ وڙهي رهيا آهيون.”

پهنجو تبصرو موڪليو