صنم سعيد جي نئين پوسٽ، افواهن ۾ تيز ي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا صنم سعيد جي تازي انسٽاگرام پوسٽ افواهن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.تازو ئي مشهور اداڪار محب مرزا جيو جي شو ”حسنه موني هي“ ۾ پنهنجي ٻي شادي جي تصديق ڪئي ته پوءِ سندس نالو اداڪارا صنم سعيد سان ڳنڍجڻ شروع ٿي ويو.اهي افواهون هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرڻ لڳيون آهن ته محب مرزا صنم سعيد سان شادي ڪئي آهي. بهرحال، هن وقت تائين انهن طرفان ڪو به سرڪاري اعلان نه ڪيو ويو آهي.پر هاڻ نئين سال جي موقعي تي اداڪارا صنم سعيد طرفان انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو سان گڏ اهي افواهون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته هنن ٻنهي فنڪارن جي شادي ٿي وئي آهي.ڄاڻايل وڊيو ۾ اداڪارا صنم سعيد سال 2022 جي يادگار لمحن کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ محب مرزا هر هنڌ ساڻس گڏ نظر اچي رهيو آهي.انهن تصويرن کي ڏسڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين اهو اندازو لڳائي رهيا آهن ته اهي ٻئي ستارا جلد ئي پنهنجي شادي جو وڏو اعلان ڪرڻ وارا آهن جڏهن ته ڪجهه صارفين کين شادي تي مبارڪون ڏيڻ به شروع ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو