صفائي سٿرائي ۽ چوني جي ڇٽڪار کي يقيني بڻايو وڃي:شاهه

صفائي سٿرائي ۽ چوني جي ڇٽڪار کي يقيني بڻايو وڃي:شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي آهي ته سڄي سنڌ جي لوڪل باڊيز سميت سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ عيد الاضحيٰ جي سمورن ڏينهن ۾ صوبي جي سمورن گهٽين ۽ پاڙن مان ڪچري کي وقت سِر جانورن جون اوجھريون کڻي محفوظ طريقي سان ڪليڪشن پوائنٽس تائين پهچايو جڏهن ته صفائي کي يقيني بڻايو وڃي جنهن ۾ رستن مٿان چوني جي ڇٽڪار پڻ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي سهولتن جي فراهمي بابت سمورن مڪاني ادارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جا ميئرز، وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ، سيڪريٽري بلديات نجم احمد شاهه، ايم ڊي سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ سيد امتياز علي شاهه ۽ حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ويسٽ مينيجمينٽ ڊائريڪٽرن سميت ڪراچي جي سمورن ٽائون چيئرمينن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جانورن جي اوجھرين کي دفنائڻ لاءِ خندقون تيار ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪل 93 ڪليڪشن پوائنٽس ٺاهيا پيا وڃن ۽ عوام جي شڪايتن جي ازالي لاءِ هر ضلعي ۾ شڪايتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جانورن جي اوجھرين کي محفوظ طريقي سان دفنائڻ لاءِ ڪراچي جي ٻنهي لينڊ فل سائيٽن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي جن ۾ گوندپاس ۽ ڄام چاڪرو سميت شرافي ڳوٺ ۾ جي ٽي ايس تي کوٽائي ڪئي وئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گهٽين مان ڪچرو کڻي ڪليڪشن پوائنٽس ڏانهن منتقل ڪري ڄاڻايل لينڊ فل سائيٽن جي مقرر هنڌن تي کوٽيل خندقن ۾ محفوظ طريقي سان دفن ڪيو ويندو. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي خاص هدايتن ۽ وزن موجب عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيالي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن مان عوام ۽ خاص ڪري پارٽي قيادت کي وڏيون اميدون آهن ۽ هڪ طريقي سان اهو سڀني جو امتحان پڻ آهي. مڪاني ادارن واري وزير اجلاس کي خاطري ڪرائي ته عيدالاضحيٰ سموري نئين لوڪل گورنمينٽ قيادت لاءِ هڪ چيلنج آهي ۽ عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ، ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو پڻ بهترين رستو آهي. اسان کي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي. هن چيو ته اسان بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي يوسي چيئرمين ۾ عوامي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي ته حڪومت ان جي هر ممڪن مدد ڪندي، جنهن يوسي چيئرمين کي گاڏين سميت لاڳاپيل مشينري جي کوٽ هوندي ان کي حڪومت فراهم ڪندي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو