واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي تيل جي معاملي تي تعاون نه ڪرڻ تي ڀارت تي ٽيرف وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، صدر ٽرمپ چيو ته واشنگٽن روسي تيل جي معاملي تي نئين دهلي جي رويي جو احتياط سان جائزو وٺي رهيو آهي. جيڪڏهن ڀارت روسي تيل جي معاملي تي تعاون نه ڪندو ته اسان ان تي ٽيرف وڌائي سگهون ٿا.آمريڪي صدر جو هي بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپاري ڳالهيون جاري آهن. ان کان اڳ، صدر ٽرمپ اهو به دعويٰ ڪيو هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کيس يقين ڏياريو هو ته ڀارت روسي تيل خريد ڪرڻ بند ڪندو.هتي اهو پڻ قابل ذڪر آهي ته مودي بابت آمريڪي صدر جي دعويٰ تي ڀارت طرفان ڪا به سرڪاري تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.










