اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب ترميمي بل 2023 ٻيهر غور لاءِ پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو.هن آئين جي آرٽيڪل 75 بي تحت بل واپس پارليامينٽ ڏانهن موڪليو آهي.ان حوالي سان صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي احتساب آرڊيننس 1999 ۾ اڳوڻين ترميمن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.هن وڌيڪ چيو ته بل ۽ وزيراعظم جي مشوري ۾ ان پهلو جو ذڪر نه ڪيو ويو.صدر اهو پڻ چيو ته قومي احتساب آرڊيننس 1999 ۾ وڌيڪ ترميمن تي نظرثاني ڪئي وڃي.










