اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي.صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر 30 مارچ 2026 تي شام 5:00 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي.آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 جي تحت حاصل ڪيل اختيارن کي استعمال ڪندي اجلاس طلب ڪيو آهي.30 مارچ 2026 تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جو اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 26 هون اجلاس ۽ ٽئين پارلياماني سال جو ٻيو اجلاس هوندو.










