صدر علوي ظفرالله جمالي جي موت بابت ٽوئيٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي ٽوئٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڪجهه دير بعد هن ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.بعد ۾ هڪ نئين ٽوئيٽ ۾ صدر صدر ٽوئيٽ کي ختم ڪرڻ جي وضاحت ڪئي ۽ چيو ته مير ظفرالله خان جمالي وينٽيليٽر تي آهي صدر عارف علوي چيو ته هن پنهنجي ٽوئيٽ غلط معلومات جي بنياد تي ڊليٽ  ڪري ڇڏي آهي ، هن مير ظفرالله خان جمالي جي گهرواري سان معذرت ڪئي.صدر چيو ته هن عمر جمالي سان ڳالهايو آهي جنهن هن کي ٻڌايو ته ظفر الله جمالي وينٽيليٽر تي آهي الله مير ظفرالله جمالي کي جلد صحت عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو