صدر جو عمران خان ۽ شهباز شريف کي نگران وزيراعظم لاءِ خط

صدر جو عمران خان ۽ شهباز شريف کي نگران وزيراعظم لاءِ خط

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)صدر عارف علوي نگران حڪومت جي قيام لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.صدر وزيراعظم عمران خان ۽ شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيو ته ٻنهي شخصيتن جا ٻه نالا ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويندا.صدر جي خط ۾ چيو ويو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ جيڪڏهن وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪنهن هڪ نالي تي متفق نه ٿيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 8 رڪني ڪميٽي جوڙيندو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي. اپوزيشن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن تي مشتمل هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو