صدرِ پاران وزيراعظم جون موڪليل سمريون منظور

صدرِ پاران وزيراعظم جون موڪليل سمريون منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدرِ مملڪت آصف علي زرداري پاران وزيراعظم شهباز شريف جي طرفان موڪليل متعدد اهم سمرين جي رسمي منظوري ڏني وئي آهي.جاري ٿيل پڌرنامي موجب صدرِ مملڪت مسلح افواج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1172 بهادر اهليڪارن کي فوجي ۽ عسڪري اعزاز ڏيڻ جي سمري منظور ڪري ورتي آهي. ان سان گڏوگڏ مختلف سول شعبن ۾ نمايان خدمات سرانجام ڏيندڙ شهرين لاءِ به قومي اعزازن جي منظوري ڏني وئي آهي.صدر آصف علي زرداري 17 آگسٽ تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شام 5 بڄي ۽ سينيٽ جو اجلاس شام 4 بڄي طلب ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه يومِ آزاديءَ ۽ عيد ميلاد النبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 100 ڏينهن جي بالخصوص معافيءَ واري سمري به منظور ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو