صحافي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي مذمت

صحافي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي مذمت

اٻاوڙو (ن س) شهر جي صحافتي برادري سينيئر صحافي ۽ روزاني سنڌيار جي نمائندي غلام علي رند کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي مذمت ڪندي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪن ۽ ڪوڙي ڪيس مان نالو خارج ڪيو وڃي. غلام علي رند جيڪو پنهنجي برداري جو چڱو مڙس به آهي، ان علي رضا رند جي حق ۾ شاهدي ڏني هئي. صحافين جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي غلام علي جي مخالف ڌر کان ڳري رشوت عيوض هاءِ ڪورت جي انڪوائري ۾ کيس ملزم ڄاڻايو آهي. ياد رهي ته غلام علي تازو گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران پوليس جي ڌاڙيلن سان رابطي ۾ رهندڙ پوليس اهلڪارن کي بينقاب ڪرڻ بابت خبرون به هلايون هيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو