صحافي بچل گهڃو قتل، وڏي وزير پاران قاتلن جي گرفتاري جو حڪم

صحافي بچل گهڃو قتل، وڏي وزير پاران قاتلن جي گرفتاري جو حڪم

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند ) اوٻاوڙو ويجهو رونتي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين بيباڪ صحافي ۽ آواز ٽي وي جي رپورٽر محمد بچل گهڃو کي بندوق جا فائر هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. صحافي محمد بچل گهڃو صبح جو ستين وڳي پنهنجي فصل کي چڪر ڏيئڻ لائي ويو ته ڪمند جي فصل ۾ لڪل جوابدارن بندوق جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي رونتي پوليس جاءِ واردات تي پهچي شهيد جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو جتي صحافي وڏي انگ ۾ پهچي ويا. صحافي پنهنجي شهيد ساٿي جو لاش کڻي ايس ايس پي آفيس سامهون ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعرا هنيا. سندس مائٽن جو چوڻ آهي ته هن جو پنهنجي مائٽن سان تڪرار هلندڙ هو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هو. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي قاتلن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ گهوٽڪي جي هڪ ٻئي بهادر صهافي نصر الله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو هو. سندس ڪيس ۾ مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس پٽ نامزد جوابدار آهن. جن جي سومر تي ضمانت رد ٿيڻ بعد به پوليس کين گرفتار نه ڪيو ۽ هو عدالت مان کسڪي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو