صحافين خلاف ڏوهه ڪندڙن کي سزا ڏيارينداسين، وزيراعظم

صحافين خلاف ڏوهه ڪندڙن کي سزا ڏيارينداسين، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آچر ڏينهن چيو ته حڪومت صحافين خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي مؤثر جاچ، انصاف ۽ سزا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي. اهي ڳالهيون هن ’صحافين خلاف ڏوهه ڪندڙن جي ڇوٽ ختم ڪرڻ‘ واري عالمي ڏينهن جي نسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيون آهن. اهو ڏينهن هر سال 2 نومبر تي عالمي طور ملهايو وڃي ٿو. اهو ڏينهن انهن ڪيسن ۾ انصاف جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو، جتي صحافين تي حملا ڪيا وڃن ٿا يا انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. هن سال خاص طور تي عورت صحافين کي آن لائين ڌمڪين ۽ انهن جي اظهار جي آزاديءَ تي پوندڙ اثرن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي. وزيراعظم چيو، “اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ آزاد، باشعور ۽ ذميوار صحافت ڪنهن به جمهوريت جو پيڙهه جو پٿر آهي.” هن وڌيڪ چيو، “صحافي عوام تائين حقيقتون پهچائين ٿا ۽ سچائي جا علمبردار آهن. جڏهن انهن تي سندن فرض نڀائڻ دوران تشدد، ڌمڪيون يا بدلا ورتا وڃن ٿا، ته اهو اظهارِ راءِ تي حملو آهي. مان انهن صحافين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو، جن سچ جي راهه ۾ ڏکيايون سٺيون، ۽ انهن خاندانن سان همدردي ظاهر ڪريان ٿو جن پنهنجا پيارا فرض نڀائيندي وڃائي ڇڏيا.” شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت اظهار جي آزادي ۽ صحافين لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. “اسان مؤثر جاچ، انصاف ۽ صحافين خلاف ڏوهن جي سزا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻنداسين. آئون عالمي برادري، ميڊيا تنظيمن ۽ شهري سماج کي اپيل ڪريان ٿو ته صحافين جي تحفظ ۽ اظهارِ راءِ جي آزاديءَ کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هڪ آزاد پريس ئي مضبوط، شفاف ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي.” پاڪستان کي دنيا جي انهن خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي، جتي صحافين کي ڌمڪين، تشدد ۽ ڏوهن ڪندڙن کي سزا نٿي ملي. رپورٽرز وِدآؤٽ بارڊرز (RSF) جي 2025ع واري ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس موجب، پاڪستان 180 ملڪن مان 158هين نمبر تي آهي. هڪ ڏينهن اڳ، انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (IFJ) پاڪستان ۾ صحافين جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي سخت تشويش جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جو هڪ وفد پيرس ۾ انترنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس جي صدر ڊومينڪ پرادالي ۽ سيڪريٽري جنرل اينٿوني بيلينجر سان ملاقات ڪئي آهي. جنهن بعد جاري بيان ۾ بيان ۾ چيو ويو: “IFJ جي اڳواڻن پاڪستان ۾ صحافين جي ٽارگيٽ ڪلنگ، پيڪا ايڪٽ (PECA) جي غلط استعمال، غيراعلانيل سينسرشپ، رياستي ۽ غير رياستي ادارن پاران هراسانين، جبري نوڪرين جي خاتمي ۽ پگهارن جي ادائيگي نه ٿيڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي، ٻئي صورت ۾ گڏيل قومن کي مداخلت لاءِ اپيل ڪرڻ لاءِ چتاءُ پڻ ڏنو آهي. ملاقات دوران، PFUJ جي وفد ۾ سيڪريٽري جنرل شڪيل احمد، راولپنڊي-اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جو صدر طارق عثماني، ۽ فارن ڪميٽي جو سربراهه وسيم شهزاد قادري شامل هئا، جن IFJ اڳواڻن کي زميني حالتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو