ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ تعليمي رپورٽرن ۽ صحافين صنفي بنيادن تي تعليم جي بجيٽ ۾ فرق ۽ ڇوڪرين جي تعليم بابت مالي معاملن جي رپورٽنگ لاءِ ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ جو اهتمام ٿر ايجوڪيشن الائنس پاران فنڊ هر فيوچر منصوبي تحت ملالہ فنڊ جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ڪيو ويو.ورڪشاپ ۾ لاڙڪاڻو، ڪراچي، سکر،بدين،سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر مان 30 کان وڌيڪ صحافين شرڪت ڪئي، جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ميڊيا ادارن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. تربيت جو مقصد صحافين کي اهو سمجهائڻ هو ته تعليمي بجيٽ ڪيئن تيار، مختص ۽ خرچ ڪئي وڃي ٿي، خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم ۽ صنفي برابري جي حوالي سان بجيٽ جو هجڻ لازمي آهي. شرڪت ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ غربت، ڊگها فاصلا، ننڍي عمر ۾ شاديون ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب هزارين ڇوڪريون تعليم کان محروم آهن. اهڙي صورتحال ۾ انگن اکرن تي ٻڌل ۽ ذميوار صحافت ادارن کي جوابده بڻائڻ ۽ پٺتي پيل برادرين جي آواز کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. تربيتي سيشنن دوران صحافين کي تعليمي ماليات جي جائزي، سرڪاري خرچن ۾ صنفي فرق جي سڃاڻپ، بجيٽ دستاويزن کي سمجهڻ ۽ تعليم جي شعبي بابت عوامي مفاد جون اثرائتيون خبرون تيار ڪرڻ جي عملي تربيت ڏني وئي. ان دوران بجيٽ ڪتابن کي پڙهڻ، اسڪول سطح تي مختص رقم جي نگراني ۽ پيچيده مالي اصطلاحن کي سمجهڻ تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. عملي مشقن، گروپ بحثن ۽ خبر نويسي جي سيشنن ذريعي شرڪت ڪندڙن کي سيکاريو ويو ته پيچيده بجيٽ انگن اکرن کي ڪيئن عام فهم ۽ اثرائتي عوامي مفاد واري رپورٽنگ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. گڏوگڏ صنفي حساس ٻولي، اخلاقي صحافت ۽ ثبوتن تي ٻڌل رپورٽنگ جي اهميت به اجاگر ڪئي وئي.تربيتي سيشنن جي اڳواڻي ڪپيل ديو ۽ سعديه بلوچ ڪئي، جن صحافين کي تعليم جي بجيٽ جي جائزي ۽ تحقيقاتي رپورٽنگ جا عملي طريقا سيکاريا. اختتامي تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر هيومن ريسورس ڪشور ڪمار لوهاڻو پڻ شرڪت ڪئي. هن اسڪولي تعليم جي مالي منصوبابندي، اسڪول مخصوص بجيٽ سازي ۽ شفافيت وڌائڻ لاءِ حالين سڌارن تي روشني وڌي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هيڊ ٽيچرز کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏئي اسڪولن کي مقامي ضرورتن موجب فيصلا ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي.چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٿر ايجوڪيشن الائنس پرتاب شيواڻي چيو ته هن قدم جو مقصد اهڙن تعليمي صحافين جو مضبوط نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ آهي، جيڪي صرف سرخين تائين محدود نه رهن پر پاليسي جي خامين ۽ خاص طور تي ڇوڪرين ۽ پٺتي پيل شاگردن جي مسئلن کي مسلسل اجاگر ڪن. هن چيو ته اسڪول مخصوص بجيٽ سازي ۽ هيڊ ٽيچرز کي بااختيار بڻائڻ جي تازي فيصلن کان پوءِ صحافين جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي ته هو تعليمي فنڊن جي استعمال ۽ احتساب جي ويجهي نگراني ڪن. ان موقعي تي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.










