ڄامشورو: (ن س) ڄامشورو پوليس صبرين پٺاڻ قتل ڪيس جي مک جوابدار کي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي. ڄامشورو ڀرسان جابلو جي ڳوٺ محمد کوسو وٽ ڪي پي ڪي واسڻ ڪپڙو کپائيندڙ ناري صابرو عرف صبرين پٺاڻ کي اغوا ڪري زيادتي جو شڪار بڻائي بيدردي سان قتل ڪندڙ ڪيس ۾ مک ڄاڻايل جوابدار معشوق کوسو کي پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري بندوق هٿ ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي.اي ايس آئي اصغر علي ڀچو ۽ اي ايس آئي حسنين مهر جي اڳواڻي ۾ پوليس جابلو علائقي ۾ عورت صبرين پٺاڻ جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪيل ڪارروائي دوران پوليس ۽ ڏوهاري وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار معشوق کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ 8 ڄڻن جي گرفتاري پهرين ظاهر ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته پورهيت عورت صبرين پٺاڻ 2 فيبروري تي اغوا ڪئي وئي هئي ۽ 9 فيبروري تي سندس لاش ڳوٺ محمد کوسو ڀرسان جهنگ مان هٿ آيو هو.










