هر ڪنهن جي سم پنهنجي نالي هجڻ گهرجي، پي ٽي اي

هر ڪنهن جي سم پنهنجي نالي هجڻ گهرجي، پي ٽي اي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڀني سمن کي استعمال ڪندڙ جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي.هڪ بيان ۾، پي ٽي اي چيو ته ڪنهن ٻئي جي نالي تي رجسٽرڊ سم استعمال ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي آهي، ۽ رجسٽرڊ استعمال ڪندڙ سم جي ڪنهن به غلط استعمال جو مڪمل طور تي ذميوار هوندو.پي ٽي اي موجب، استعمال ڪندڙ پنهنجي سمن ۽ ٽيليڪام ڪنيڪشن جي استعمال جا ذميوار هوندا.پي ٽي اي موجب، ڪالز، پيغامن ۽ ڊيٽا جي استعمال جي ضابطن جي تعميل ڪرڻ پڻ لازمي آهي، ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو