مزدا جو ريل سان ٽڪ، ڊرائيور فوت، ڪلينر زخمي

مزدا جو ريل سان ٽڪ، ڊرائيور فوت، ڪلينر زخمي

شھدادپور(ن س) شھدادپور۾ نوابشاھ روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ تي بريڪ فيل ٿيڻ سبب تيز رفتار مزدا بند پيل ڦاٽڪ کي ٽوڙي مسافر ريل سان ٽڪرائجي وئي مزدا ڊرائيور ٿڏي تي ڇيڀاٽجي فوت ڪلينر زخمي ٿي پيو، شهدادپور لڳ نوابشاھ روڊ جي ريلوي ڦاٽڪ تي نوابشاھ کان شھدادپور ايندڙ تيز رفتار مزدا ٽرڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب بند پيل ڦاٽڪ ٽوڙي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين سان ٽڪرائجي خطرناڪ حادثو پيش آيو حادثي سبب مزدا ڊرائيور ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو مزدا ٽرڪ ۾ گڏويٺل ڪلينر جمپ هڻي زخمي ٿي حياتي بچائي ورتي حادثي سبب مزدا ٽرڪ تباھ ٿي اڌ مزدا ٽرڪ ٽرين جي انجڻ۾ ڦاسجي 2 ڪلوميٽر پري تائين کڻي ٽرين بيھجي وئي ۽ اپ ٽريڪ تي ريلوي آمدورفت بند ٿي وئي آھي ٽرين جي انجڻ ۾ ڦاٿل اڌ مزدا ٽرڪ جي ملبي کي ھٽائڻ لاء وڏي تعداد ۾ علائقي واسي۽ پوليس درگاھ بھادر فقير وٽ پھچي ٽرين جي انجڻ مان اڌ ٽرڪ جو ڦاٿل ملبو ھٽائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن پر ٽرڪ جو ملبوٽرين جي انجڻ مان نہ نڪرڻ سبب پاڪ بزنس ٽرين بيٺل آھي ريلويا انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ زخمي ڪلينر کي سمس اسپتال موڪليو ويو آھي ڊرائيور جي سڃاڻپ لاء جانچ ڪري رھيا آھيون ٽرين جي انجڻ ۾ ڦاٿل اڌ ٽرڪ جي ملبي سبب ٽرين بيٺل جنھن کي ڪلاڪ کن اندر انجڻ مان ٽرڪ جو ڦاٿل ملبو ڪڍي ٽرين کي روانو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن ٻئي طرف خطرناڪ حادثي سبب مسافر ٽرين جھنگ ۾ ۽ اونداھي ۾ گذريل ھڪ ڪلاڪ کان بيٺل ھئڻ ڪري ٽرين ۾ سوار مسافر سخت پريشان بڻيل آھن

پهنجو تبصرو موڪليو