ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پهرين مئي تي مزدورن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پنهنجي سدائين رهندڙ تاريخ کي جنم ڏنو، پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ سنڌ حڪومت محنت ڪشن جي عظمت کي سلام پيش ڪري ٿي، سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ ترقي جي عمل ۾ مزدورن جو اهم ڪردار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت محنت ڪشن جا جائز حق ڏيڻ جي پابند آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات پرعزم آهي. پورهيتن جي ماهوار اجرت 25000 رپيا ۽ اسپتالون ۽ تعليمي ادارا وڌيا ويا آهن، پورهيت ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ اسڪول قائم ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ حڪومت معيار جي فراهمي لاءِ سنجيده آهي. مزدورن جي معيار زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سهولتون ڏنيون ويون آهن، سنڌ حڪومت انهن جي روزگار ۽ رهائشي منصوبن لاءِ هائوسنگ اسڪيمن سميت فيڪٽرين ۾ سهولتون جي فراهمي لاءِ جدوجهد جاري رکندي، هن چيو ته مزدورن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته سمورا ادارا انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور انتظام ڪندا ۽ انهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻندا. حڪومت جي نظر ۾ سڀني پاڪستانين کي برابري جا حق حاصل آهن ۽ عزت جي لائق آهن.










