شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) هٿياربندن جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا. شڪارپور جي علائقي ٽائون رستم ۾ هٿياربندن جي انڌاڌنڌ فائرنگ سبب پيءُ پٽ قتل ٿي ويا. پوليس موجب، واقعي جو سبب مھر جتوئي برادري جي پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي. تفصيل موجب، اڻڄاتل هٿياربندن لوڊر رڪشا تي سوار ماڻهن تي اوچتو فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نورل جتوئي موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ امير جتوئي سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور مان سکر اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو به زخمن سبب دم ڏئي ويٺو. فائرنگ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. پوليس عملدارن موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پيءُ پٽ جي مارجي وڃڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي آهي ۽ وارثن جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.










