شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور جي علائقي زرخيل اسٽاپ وٽ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربند جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ شير پٺاڻ جي نالي سان ٿي آهي. فائرنگ سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










