راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي شيراني ضلعي ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، شيراني ضلعي ۾ هندستان جي حمايت يافته فتنه الخوارج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو،آءِ ايس پي آر موجب، شديد فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ فتنه الھندستان جا 7 دهشتگرد مارجي ويا. پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو ته آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي لڪيل جاءِ کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو، گهرو وزير محسن نقوي شيراني ۾ هندستان جي سرپرستي يافته دهشتگردن خلاف آپريشن لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته فورسز بروقت ڪارروائي ڪئي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، محسن نقوي چيو ته هو ڪامياب آپريشن لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپاهين کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته هو بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين جي تعريف ڪري ٿو. قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.










