اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ شيخ رشيد جي گهر تي پوليس جي ڇاپي خلاف ايس ايڇ او ٿاڻي ڪوهسار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.شيخ رشيد جو وڪيل سردار عبدالرازق ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته پوليس طرفان لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو.عدالت ۾ وڪيل چيو ته پوليس گهرن تي چڙهائي ڪئي، ملازمن تي تشدد ڪيو ۽ گاڏيون به ڦريون، پوليس جو جمع ڪرايل جواب حيران ڪندڙ آهي. وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته شيخ رشيد درخواست ۾ ايس ايڇ او ڪوهسار پوليس اسٽيشن کي نامزد ڪيو آهي، ايس پي کي ايس ايڇ او ڪوهسار کي انڪوائري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس چيو ته ايس ايڇ او جا وارنٽ وٺي ويا پر سندس ڪٿي به خبر ناهي، شيخ رشيد ريلي ۾ نه هو ۽ نامعلوم ماڻهن ۾ شيخ رشيد جو نالو به شامل آهي. وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته پوليس شيخ رشيد کي سياسي طور گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيستائين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس نه ڪندا تيستائين جان نه ڇڏائيندؤ. وڪيل شيخ رشيد جي ملازم جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي.ان موقعي تي جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته شيخ رشيد هن وقت ڪٿي آهي؟ان تي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته شيخ رشيد نامعلوم هنڌ تي موجود آهي. ايڊيشنل سيشن جج چيو ته شيخ رشيد نامعلوم هنڌ تي آهي ته پوءِ گاڏين جي ڪهڙي ضرورت آهي؟










