شيخ رشيد جي پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور

شيخ رشيد جي پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جي پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار عبدالرزاق خان سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس صداقت علي خان شيخ رشيد کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني.ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي وڪيل دليل ڏنو ته شيخ رشيد جو نالو پي اين آءِ ايل ۽ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي حڪم تي شيخ رشيد جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول ۾ شامل ڪيو ويو آهي.جج ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن شيخ رشيد کي عمري جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو دعا ڪندو ۽ ملڪ جي صورتحال بهتر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو