اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير شوال جو چنڊ ڏسڻ جي تصديق ڪندي سڀاڻي اربع تي عيد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏي پيماني تي ماڻهن چنڊ ڏٺو اسانکي شهادتون مليون آهن. لاهور، ڪراچي ۽ ڪوئٽا جي چنڊ ڏسندڙ ڪميٽين سرڪاري طور شاهدي ڏني ته ڪٿي به چنڊ ڏسڻ ۾ ناهي آيو پر پوءِ به ڪميٽي عيد جو اعلان ڪيو آهي. البته ڪراچي ۾ موسميات کاتي جي 4 آفيسرن ڊجيٽل ٽيلسڪوپ تي چنڊ ڏسڻ جي شاهدي ڏيندي چيو ته هنن 7.19 کان 7.24 تائين چنڊ ڏٺو. هن چيو ته پاڪ فوج جي شهيدن کي خراج پيش ڪريون ٿا ۽ پوري قوم فوج سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته سعودي عرب جو جيڪو وزيراعظم دورو ڪيو آهي ان ۾ هميشه جيان تعاون جو اعلان ڪيو ويو آهي اميد ته جلد ان تي عمل ٿيندو. هن چيو ته سعودي عرب جو اڳوڻو امام حج ڊاڪٽر عبدالڪريم عيسيٰ اسلام آباد پهچي ويو آهي جيڪو فيصل مسجد ۾ عيد جو خطبو پڙهندو ۽ نماز پڙهائيندو. ياد رهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ چنڊ نظر نه آيو ۽ انهن ملڪن ۾ روزو ٿيندو.










