شهيد راڻي جي 70 هين سالگرهه، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقريبون

شهيد راڻي جي 70 هين سالگرهه، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقريبون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 70هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي.ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نصرت اصفهاني جي پيار واري شادي جي 2 سالن کان پوءِ بينظير ڀٽو کي هڪ ڌيءَ ڄائي.شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءُ هجڻ جي ڪري ننڍي هوندي پنهنجي والد سان گڏ پرڏيهي دوري تي ويندي هئي، بينظير ڀٽو ننڍي ڄمار ۾ ئي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، گرفتاري کانپوءِ شاگرد اڳواڻ به رهي. 1977ع ۾ پنهنجي والد اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سياست جي ميدان ۾ داخل ٿي.1982ع ۾ بينظير ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن چونڊجي وئي، جلاوطنيءَ کانپوءِ 1986ع ۾ پهريون ڀيرو جڏهن لاهور پهتي ته سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو ۽ سڄي ملڪ جو دورو ڪيو ويو.1987ع ۾ بينظير ڀٽو آصف زرداري سان شادي ڪئي ۽ 1988ع جي عام چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي بعد هوءَ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي.محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي صدر غلام اسحاق خان برطرف ڪيو، پوءِ هوءَ ٻيهر جدوجهد جي ميدان ۾ آئي، هوءَ 1993ع ۾ ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجي وئي، پر 1996ع ۾ کيس ٻيهر برطرف ڪيو ويو.محترمه بينظير ڀٽو جلاوطنيءَ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس پهتي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو، پوءِ ڪارساز تي سندس قافلي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي ملڪ ۾ چونڊ جلسا ڪري رهي هئي، ان سلسلي ۾ کيس 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ڪامياب جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ واپس موٽندي شهيد ڪيو ويو.پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 70هين سالگرهه اڄ پوري ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو