ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي واري وزير ضياء الحسن لنجار سنڌ پوليس جي شھيدن جي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ پوليس جي سمورن شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شھيد اسان جو قومي سرمايو ۽ قوم جي محفوظ مستقبل جا حقيقي معمار آھن، جن پنهنجون جانيون نذرانو ڏئي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو قسم پورو ڪيو. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس جي جوانن دهشتگردي، ڏوهن ۽ بدامني خلاف سيني سپر ٿي رياست ۽ عوام جو بچاءُ ڪيو. انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ بي مثال قربانيون سموري قوم لاءِ فخر جو باعث آھن. شھيدن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن ۽ پوري قوم پنهنجن بهادر شھيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. ضياء الحسن لنجار چيو ته شھيد جي رت جو قرض ڪنهن به مراعات سان ادا نه ٿو ڪري سگهجي، پر سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري کان چڱي طرح واقف آھي. پوليس شھيدن جي خاندانن جي ڪفالت، فلاح ۽ بهبود ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آھي. حڪومت شھيدن جي وارثن لاءِ مالي مدد، ٻارن جي تعليم، علاج ۽ ٻين فلاحي قدمن کي خاص ترجيح ڏني آهي جڏهن ته موجود مراعات ۽ فلاحي پيڪيج کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پڻ قدم جاري آهن. هن چيو ته جيڪو خاندان پنهنجي پياري کي قوم جي امن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ قربان ڪري ٿو، رياست ان خاندان جي ذميواري کان پوئتي نه ٿي هٽي سگهي. سنڌ حڪومت شھيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. پوليس شھيدن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ بنائڻ اصل ۾ انهن عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي برابر آهي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس جي شھيدن وردي جو تقدس پنهنجي رت سان قائم رکيو. وردي صرف لباس نه پر عوام جي حفاظت، رياست سان وفاداري ۽ فرض جي ادائيگي جو عزم آهي، ۽ ان عزم جي پاسداري ۾ جان قربان ڪندڙ جوان هميشه قوم جي دلين ۾ زنده رھندا. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جي شھيدن جي قربانين جي ڪري لکين شهري پنهنجن گهرن ۾ امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهيا آهن. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر پوليس شھيدن جي قربانين تي پوري قوم متحد آهي. امن جي محافظن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ضياء الحسن لنجار چيو ته پوليس شھيدن جي مائرن، بيواهن، ٻارن ۽ ٻين اهل خانہ جو حوصلو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. امن جي قيمت ادا ڪندڙ انهن عظيم خاندانن جي عزت ۽ احترام ۽ انهن جي سنڀال پوري سماج جي ذميواري آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان ذميواري کي ڀرپور طريقي سان نڀائي رهي آهي. سنڌ جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي شھيدن جون قربانيون ان عزم جي علامت آهن ته ڏوهارين عناصرن خلاف رياست جي رٽ هر صورت برقرار رکي ويندي. پوليس شھيدن جي رت سان روشن ٿيندڙ امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين ۽ ڏوهن خلاف جنگ پوري طاقت، عزم ۽ ثابت قدمي سان جاري رھندي. هن چيو ته شھيد پوليس اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن. انهن جون قربانيون ايندڙ نسلن کي فرض شناسي، بهادري، وطن سان وفاداري ۽ عوام جي خدمت جو سبق ڏينديون رھنديون. پوري قوم پنهنجن انهن عظيم محسنن ۽ انهن جي خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿي.










