ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير ۽ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن شهرين جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف آهي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پي پي ضلعي اولھ جي صدر عابد ستي ۽ جنرل سيڪريٽري جميل ضياءُ جي قيادت ۾ آيل وفد سان ملاقات جي دوران ڪيو ان موقعي تي پي پي اڳواڻن واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين کي ضلعي اولھ بلديا ۽ ڪياماڙي ۾ درپيش پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن کان آگاھ ڪندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن سي او او واٽر ڪارپوريشن پي پي کي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ملاقات دوران محمد علي شيخ ظفر پليجو ۽ آفتاب عالم چانڊيو سميت ٻيا آفيسر موجود هئا.










