شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ نوجوانن پاران اتحاد قائم

شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ نوجوانن پاران اتحاد قائم

ڳڙهي ياسين (ن س ) شھر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي شھر اندر ھلندڙ سماجي براين،تعليم ،صحت جي مسئلن جي حل جوا،منشيات،آڪڙاپرچي  ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان شھر لاء ناسور بڻيل وياج جي ڪڌي ڪاروبار ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف آواز اٿارڻ لاء شھر جا نوجوان نڪري پيا.

نوجوان شھري اتحاد جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويو اتحاد جي اڳواڻي ڪندڙ بابر پٺاڻ پاران بينظير پارڪ ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ شھر جي نوجوانن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي بابر خان پٺاڻ،آغا تحفظ دراني،شفيق مھر،خليل احمد پٺاڻ، ڏاڏو خان، وفا عباسي،فائق احمد پٺاڻ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاء گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪا به سياسي توڙي سماجي تنظيم ڪنھن به قسم جو آواز بلند ناھي ڪيو.  هنن چيو ته نوجوان بنا ڪنهن فرق جي شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو