شهروز سبزواري کي  اداڪار نه  ٿي سمجهان: نتاشا حسين

شهروز سبزواري کي اداڪار نه ٿي سمجهان: نتاشا حسين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ماڊل، ميزبان ۽ اداڪارا نتاشا حسين جو چوڻ آهي ته هوءَ شهروز سبزواري کي اداڪار نه ٿي سمجهي.تازو ئي نتاشا حسين هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور نظر آئي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر، سيلون ۽ شوبز انڊسٽري بابت آگاهه ڪيو. پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ اقربا پروري بابت جڏهن پڇيو ويو ته نتاشا علي سينيئر اداڪار بهروز سبزواري جي پٽ شهروز سبزواري جو نالو ورتو ۽ چيو ته هو سٺو اداڪار ناهي ۽ کيس شوبز انڊسٽري ۾ ڪم صرف سندس والد جي ڪري مليو آهي. سندس والد بهروز سبزواري بهترين اداڪار آهي.اهڙي طرح هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن آمنه حق کي بهترين ماڊل ۽ خراب اداڪاره قرار ڏنو جڏهن ته سونيا امام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ کيس ماڊل نٿي سمجهي.

پهنجو تبصرو موڪليو