قمبر شهدادڪوٽ)ن س) شهدادڪوٽ ڀرسان سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ، 5 ٻارن جي ماءُ قتل، نوجوان زخمي ٿي پيو.شهدادڪوٽ ڀرسان سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڳوٺ زمان بروھي ۾ مبينا ڪارنهن جو الزام مڙهي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پنجن ٻارن جي ماءُ مسمات امينا بروهي ۽ نوجوان نادر بروهي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا واقعي کانپوءِ زخمين کي فوري طور لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي مسمات امينا بروهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو اسپتال ذريعن موجب نوجوان نادر بروهي جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ٻئي طرف، واقعي کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن الزام سبب پيش آيو آهي ، جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي مسمات امينا جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس معصوم ٻارن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.










